انيتي ڍنڍ

انيتي ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ تعلقي خيرپورناٿن شاهه ۾، وسائي ڳوٺ جي ڀرسان خانپور شهر جي اوڀر ۾ آهي. ”وسايو ڳوٺ“ اُتان ڪڏهن وهندڙ پراڻ درياهه جو ڄڻ ته بندر هو. قاضي برهان الدين وارو مقام، جنهن کي ’قاضي برهڻ‘ جو مقام به چوندا آهن، هن ڍنڍ جي اولهه ۾ ويجهو آهي. هيءَ ڍنڍ تمام پراڻي آهي، جيتوڻيڪ هاڻي ايراضيءَ ۾ ٿوري بچي آهي، پوءِ به چڱي ڍنڍ آهي ۽ فشريز کاتي مان ٺيڪي تي کڄندي آهي. سياري ۾ جڏهن پرديسي پکي سنڌ ۾ ايندا آهن ته هن ڍنڍ تان به ڀيرو ڪندا آهن. هن ڍنڍ ۾ مڇي به سٺي مرندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو